لنڊن 2029ع جي عالمي ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي ميزباني لاءِ باضابطه درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

لنڊن- 07 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي گادي واري شهر لنڊن 2029ع ۾ رٿيل عالمي ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي ميزباني لاءِ ورلڊ ايٿليٽڪس کي پنهنجا حتمي دستاويز باضابطه طور تي جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم انگلينڊ ايٿليٽڪس، لنڊن ميراٿن ايونٽس ۽ گريٽ رن ڪمپني تي ٻڌل اداري جي ايٿليٽڪ وينچر پاران کنيو ويو آهي، جنهن ۾ 2012ع جي اولمپڪس لاءِ تعمير ڪيل لنڊن اسٽيڊيم کي …

لنڊن- 07 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي گادي واري شهر لنڊن 2029ع ۾ رٿيل عالمي ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي ميزباني لاءِ ورلڊ ايٿليٽڪس کي پنهنجا حتمي دستاويز باضابطه طور تي جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم انگلينڊ ايٿليٽڪس، لنڊن ميراٿن ايونٽس ۽ گريٽ رن ڪمپني تي ٻڌل اداري جي ايٿليٽڪ وينچر پاران کنيو ويو آهي، جنهن ۾ 2012ع جي اولمپڪس لاءِ تعمير ڪيل لنڊن اسٽيڊيم کي بنيادي هوسٽ وينيو طور تجويزن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيپٽمبر ۾ ان اهم مقابلي جي ميزباني لاءِ حتمي شهر جو فيصلو ڪيو ويندو. شروعاتي تجزياتي رپورٽ مطابق اهو ايونٽ منعقد ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي 400 ملين پائونڊز جو معاشي ۽ سماجي فائدو پهچندو جنهن جي برطانيا جي حڪومت، برطانوي ڪلچر سيڪريٽري ۽ لنڊن اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ فٽبال ڪلب هيم يونائيٽڊ به مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته لنڊن ان کان اڳ 2017ع ۾ به ان عالمي چيمپيئن شپ جي ڪامياب ميزباني ڪري چڪو آهي.