خدمتن جي شعبي جي ملڪي روانگي واپار ۾ مالي سال 2026ع دوران 18.81 سيڪڙو جو نمايان اضافو

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) خدمتن جي شعبي جي ملڪي روانگي واپار ۾ مالي سال 2026ع دوران 18.81 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال ۾ خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار مان 10.04 ارب ڊالرز مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو آهي جڏهن ته مالي سال 2025ع ۾ شعبي جي روانگي واپار جي ماليت 8.45 …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) خدمتن جي شعبي جي ملڪي روانگي واپار ۾ مالي سال 2026ع دوران 18.81 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال ۾ خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار مان 10.04 ارب ڊالرز مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو ويو آهي جڏهن ته مالي سال 2025ع ۾ شعبي جي روانگي واپار جي ماليت 8.45 ارب ڊالر رهي هئي. اهڙي طرح مالي سال 2025ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 2026ع دوران خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار ۾ 1.59 ارب ڊالر يعني 18.81 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں