پي سي بي مينز ۽ وومينز ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن جي لائيو اسٽريمنگ جا حق ٽيپ ميڊ کي ڏئي ڇڏيا: ترجمان

لاهور- 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 27-2026ع جي مينز ۽ وومينز ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن جي لائيو اسٽريمنگ جا حق ٽيپ ميڊ کي ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن تحت ڪرڪيٽ شوقين سڄي سيزن جون ميچون ڊيجيٽل پليٽ فارم تي سڌي ريت ڏسي سگهندا جڏهن ته تماشا ايپ ان سلسلي ۾ ٽيپ ميڊ جو آفيشل سنڊيڪيشن پارٽنر هوندي. پي سي بي جي ترجمان مطابق معاهدي تحت نيشنل …

لاهور- 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 27-2026ع جي مينز ۽ وومينز ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن جي لائيو اسٽريمنگ جا حق ٽيپ ميڊ کي ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن تحت ڪرڪيٽ شوقين سڄي سيزن جون ميچون ڊيجيٽل پليٽ فارم تي سڌي ريت ڏسي سگهندا جڏهن ته تماشا ايپ ان سلسلي ۾ ٽيپ ميڊ جو آفيشل سنڊيڪيشن پارٽنر هوندي. پي سي بي جي ترجمان مطابق معاهدي تحت نيشنل چيمپيئنز ڪپ، قائداعظم ٽرافي گولڊ ۽ سلور، پريڊيڊنٽس ٽرافي، قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ، انڊر 15، انڊر 17 ۽ انڊر 19 ايونٽس جون سموريون اهم ميچون ٽيپ ميڊ تي لائيو اسٽريم ڪوين وينديون. ان کان علاوه وومينز ون ڊي، وومينز ٽي ٽوئنٽي ۽ وومينز انڊر 19 ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽس به سڌي ريت نشر ڪيا ويندا. ان شرڪتداري ذريعي 250 کان وڌيڪ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ميچز ٽيپ ميڊ ۽ تماشا ايپ ذريعي شوقينن تائين پهچايا ويندا، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي پهچ ۽ ڏسندڙن جي انگ ۾ اضافي جي توقع آهي.

مزید خبریں