اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن ڏکڻ ڪوريا خلاف چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ هڪ اهم تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان سينئر هاڪي ٽيم جي سيريز ۾ 3-0 جي ڪاميابي ۽ سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ کانپوءِ مينجمنٽ آخري مقابلي ۾ پاڪستان انڊر 21 قومي هاڪي ٽيم کي ميدان ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان جي انڊر 21 ٽيم تازو ئي عمان جي ڪامياب …
پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو ڏکڻ ڪوريا خلاف چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ هڪ اهم تبديلي جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن ڏکڻ ڪوريا خلاف چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ هڪ اهم تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان سينئر هاڪي ٽيم جي سيريز ۾ 3-0 جي ڪاميابي ۽ سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ کانپوءِ مينجمنٽ آخري مقابلي ۾ پاڪستان انڊر 21 قومي هاڪي ٽيم کي ميدان ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان جي انڊر 21 ٽيم تازو ئي عمان جي ڪامياب دوري کانپوءِ وطن واپس پهتي آهي، جتي هن ميزبان ٽيم کي 3-0 تان وائيٽ واش ڪيو هو. باصلاحيت جونيئر رانديگرن کي ڏکڻ ڪوريا جهڙي تجربيڪار ۽ مضبوط ٽيم خلاف آزمائڻ جو مقصد ان جي مهارت کي پَرکڻ، عالمي سطح تي ان جي تجربي ۾ اضافو ڪرڻ ۽ کين ايندڙ وڏن عالمي مقابلن لاءِ تيار ڪرڻ آهي. هاڪي جي مداحن کي ان اهم ميچ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ نوجوان قومي رانديگرن جي حوصله افزائي جي دعوت ڏني وڃي ٿي، ميچ نصير بنده هاڪي اسٽيڊيم پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي.











