ميڪسيڪو فٽبال فيڊريشن پاران فيفا جي صدر جياني انفينٽينو جي حمايت جو اعلان

ميڪسيڪو سٽي- 07 آگسٽ (اي پي پي) ميڪسيڪن فيڊريشن آف فٽبال، فيفا جي صدر جياني انفينٽينو سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندس قيادت تي اعتماد جو اعلان ڪيو آهي. راندين بابت ويب سائيٽ موجب تنظيم جاري ڪيل هڪ بيان ۾ فيفا جا اقليتي شيئرز نجي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪرڻ جي منصوبي سان پيدا ٿيل تڪرار باوجود جياني انفينٽينو جي حمايت ڪئي. بيان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته …

ميڪسيڪو سٽي- 07 آگسٽ (اي پي پي) ميڪسيڪن فيڊريشن آف فٽبال، فيفا جي صدر جياني انفينٽينو سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندس قيادت تي اعتماد جو اعلان ڪيو آهي. راندين بابت ويب سائيٽ موجب تنظيم جاري ڪيل هڪ بيان ۾ فيفا جا اقليتي شيئرز نجي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪرڻ جي منصوبي سان پيدا ٿيل تڪرار باوجود جياني انفينٽينو جي حمايت ڪئي. بيان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ميڪسيڪن فيڊريشن اداره جاتي استحڪام ذريعي فٽبال کي هٿي ڏيڻ لاءِ جياني انفينٽينو جي قيادت سان گڏ آهي. فيڊريشن جو چوڻ آهي ته فٽبال جي بنيادي قدرن جو بهترين دفاع اداره جاتي سلامتي، احترام ۽ طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري سان ئي ممڪن آهي. ان کان اڳ ڪنفيڊريشن آف آفريقن فٽبال جي ايگزيڪٽو ڪميٽي به گڏيل طور تي فيفا جي صدر جي حمايت جي تصديق ڪئي هئي. اتر آمريڪا ۾ ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندڙ ملڪ ميڪسيڪو هن وقت ڪانڪاڪيف خطي جو اهو نمايان ميمبر آهي جيڪومارچ ۾ ٿيندڙ امڪاني چونڊ کان اڳ فيفا صدر جي پشت پناهي ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں