سنگاپور جو پاسپورٽ 2026ع ۾ دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ قرار

سنگاپور- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنگاپور 2026ع ۾ دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. تازي ترين هينلي پاسپورٽ انڊيڪس مطابق سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو اڳواٽ ويزا کانسواءِ دنيا جي 192 ملڪن ۽ علائقن جو سفر ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق هينلي پاسپورٽ انڊيڪس ان ڳالهه جي بنياد تي درجه بندي ڪندو آهي ته ڪنهن ملڪ جا شهري اڳواٽ ويزا کانسواءِ ڪيترن منزلن …

سنگاپور- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنگاپور 2026ع ۾ دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. تازي ترين هينلي پاسپورٽ انڊيڪس مطابق سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو اڳواٽ ويزا کانسواءِ دنيا جي 192 ملڪن ۽ علائقن جو سفر ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق هينلي پاسپورٽ انڊيڪس ان ڳالهه جي بنياد تي درجه بندي ڪندو آهي ته ڪنهن ملڪ جا شهري اڳواٽ ويزا کانسواءِ ڪيترن منزلن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. ان ئي سبب ان کي عالمي سطح تي سفري آزادي جو هڪ اهم اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ گڏيل عرب امارات گڏيل طور تي ٻئين نمبر تي رهيا، جتي جا پاسپورٽ هولڊرز 188 ملڪن ۽ علائقن ۾ اڳواٽ ويزا کانسواءِ سفر ڪري سگهن ٿا. اها درجه بندي عالمي سفري آزادي جي ميدان ۾ ايشيائي ملڪن جي وڌندڙ اثر ۽ رسوخ جي به عڪاسي ڪري ٿي. يورپي ملڪن به لاڳاتار نمايان پوزيشن برقرار رکي. ناروي، سوئٽزرلينڊ ۽ يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن جا شهري 180 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اڳواٽ ويزا کانسواءِ داخل ٿي سگهن ٿا، جنهن جو ڪريڊٽ علائقائي سهڪار ۽ ٻه طرفه سفري معاهدن کي وڃي ٿو. رپورٽ مطابق گڏيل عرب امارات گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غير معمولي اڳڀرائي ڪئي. ان عرصي ۾ اماراتي پاسپورٽ لاءِ 153 نيون ويزا فري منزلون شامل ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ اهو دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽس ۾ شامل ٿي ويو.

مزید خبریں