گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل پاران خيبر پختونخوا جي ضلعي سوات ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت

گڏيل قومون- 07 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي خيبرپختونخوا صوبي جي سوات ضلعي ۾ آچر ڏينهن پوليس اسٽيشن ٻاهران ٿيل حملي جي شديد مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل قرار ڏنو آهي جنهن جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) قبول ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ مارجي ويلن جي ڪٽنبن، پاڪستان حڪومت …

گڏيل قومون- 07 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي خيبرپختونخوا صوبي جي سوات ضلعي ۾ آچر ڏينهن پوليس اسٽيشن ٻاهران ٿيل حملي جي شديد مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل قرار ڏنو آهي جنهن جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) قبول ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ مارجي ويلن جي ڪٽنبن، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سلامتي ڪائونسل ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته دهشتگردي جي انهن مذمت جوڳين ڪاروائين جو منصوبو ڪندڙن ، سهولتڪارن، مالي مدد ڪندڙن ۽ ذميوار عنصرن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي ۽ انهن کي انهن ڏوهن جو جوابده ٺهرايو وڃي. سلامتي ڪائونسل سمورن ملڪن تي زور ڏنو ته هو ان مقصد لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين سان مڪمل تعاون ڪن. سلامتي ڪائونسل ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلين ۽ ظاهري طور تي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ سموريون رياستون دهشتگردي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن جو هر ممڪن ذريعن سان مقابلو ڪن. واضح رهي ته آچر ڏينهن هڪ آپگهاتي بمبار سوات ۾ پوليس اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مرڪزي دروازي تي مقرر پوليس اهلڪار کيس روڪي ورتو، جنهن تي هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي وقت پوليس اسٽيشن ويجهو هڪ امن ريلي به جاري هئي.

مزید خبریں