اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي قومي روانگي واپار ۾ جولاءِ 2026ع دوران ساليانو بنيادن تي 9.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي ۽ ان جو ڳاڻيٽو 2.94 ارب ڊالرز رهيو. پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري (پي بي ايس ) مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن جولاءِ 2026ع دوران ملڪي روانگي واپار جي ماليت 2.94 ارب ڊالرز تائين وڌي وئي جڏهن ته گذريل مالي سال جي …
ملڪي روانگي واپار ۾ جولاءِ دوران ساليانو بنيادن تي 9.7 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ،ڳاڻيٽو 2.94 ارب ڊالرز رهيو: پاڪستان جو شماريات وارو ادارو
اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي قومي روانگي واپار ۾ جولاءِ 2026ع دوران ساليانو بنيادن تي 9.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي ۽ ان جو ڳاڻيٽو 2.94 ارب ڊالرز رهيو. پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري (پي بي ايس ) مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن جولاءِ 2026ع دوران ملڪي روانگي واپار جي ماليت 2.94 ارب ڊالرز تائين وڌي وئي جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ (جولاءِ 2025ع )جي روانگي واپار مان 2.68 ارب ڊالرز جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻوڪمايو ويو هو. اهڙي طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ جاري مالي سال جي پهرين مهيني ملڪي راونگي ۾ 0.26 ارب ڊالر يعني 9.7 سيڪڙو جي برتري رڪارڊ ڪئي وئي. پي بي ايس مطابق جولاءِ 2025 ع جي ڀيٽ ۾ جولاءِ 2026ع دوران ملڪي روانگي واپار ۾ 17.80 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ ان جو ڳاڻيٽو 6.88 ارب ڊالرز تائين وڌي ويو . واضع رهي ته جولاءِ 2025ع دوران قومي آمدني واپار جي ماليت 5.84 ارب ڊالرز رهي هئي .










