گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران پشين ۽ مستونگ ۾ ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پشين جي علائقي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) بلوچستان جي ڀرپور تعريف ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير وقت سر ۽ موثر ڪارروائي دوران 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي جي پيشيواراڻي مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي بهادر سپوتن …

اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پشين جي علائقي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) بلوچستان جي ڀرپور تعريف ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير وقت سر ۽ موثر ڪارروائي دوران 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي جي پيشيواراڻي مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي بهادر سپوتن تي ناز آهي جن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سمورا ادارا پرعزم آهن ۽ قوم جي مڪمل حمايت سان امن دشمن ڌرين جو مڪمل صفايو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته گهرو وزير مستونگ ۾ ڪمانڊر سميت 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز  دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.  هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ پوري قوم ان جنگ ۾ پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ بيٺل آهي.