اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 12 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ يورپي يونين جي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 957 ملين رڪارڊ …
يورپي يونين جي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل متا سٽا واري ناڻي ۾ مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 12 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 12 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ يورپي يونين جي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 957 ملين رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ يورپي يونين جي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين 857 ملين ڊالرز جو ناڻو ڏيهه اماڻيو هو، آگسٽ ۾ يورپي يونين مان ڪمايل ناڻو جو ڳاڻيٽو 496 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو جولاءِ جي 461 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو ۽ گذريل سال آگسٽ جي 433 ملين ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي.










