اسلام آباد ۾ 23 هزار 500 پوليس اهلڪارن جي طلبي بابت نوٽيفيڪيشن جعلي قرار

اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت، وفاقي گادي واري شهر ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي صوبن مان 23 هزار 500 پوليس اهلڪار طلب ڪرڻ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفيڪيشن کي مڪمل طور تي جعلي ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن جي نالي سان منسوب ان جعلي خط ۾ دعوي ڪئي وئي هئي ته اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال …

اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت، وفاقي گادي واري شهر ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي صوبن مان 23 هزار 500 پوليس اهلڪار طلب ڪرڻ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفيڪيشن کي مڪمل طور تي جعلي ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن جي نالي سان منسوب ان جعلي خط ۾ دعوي ڪئي وئي هئي ته اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب مان 15 هزار، سنڌ مان 8 هزار ۽ بلوچستان مان 500 پوليس اهلڪار 20 سيپٽمبر تائين وفاقي گادي واري شهر پهچڻ  جي هدايت ڪئي وئي آهي. حڪومتي ذريعن مطابق ڪابينه ڊويزن يا گهرو وزارت طرفان  اهڙو ڪو خط يا حڪم نامو جاري ناهي ڪيو ويو. اختيارين واضح ڪيو ته سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ نوٽيفيڪيشن من گهڙت آهي، عوام ۽ ميڊيا کي گذارش آهي ته هو بغير تصديق اهڙا گمراه ڪن ۽ غيرتصديقي دستاويزن ڌيان نه ڏين.