پاڪستان جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن واپس پهچي وئي

لاهور -6 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن واپس پهچي وئي. قومي عورتاڻي ٽيم سريلنڪا جي دوري دوران 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ون ڊي ميچن ۽ 3 ٽي- ٽوئنٽي انٽر نيشنل ميچن جي سيريز کيڏي. ون ڊي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين ميچ ۾ ڪامياب ماڻي ۽ سيريز ۾ شڪست کاڌي ۽ سريلناڪ جي ٽيم سيريز 2-1 تان پنهنجي نالي ڪئي. …

لاهور -6 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن واپس پهچي وئي. قومي عورتاڻي ٽيم سريلنڪا جي دوري دوران 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ون ڊي ميچن ۽ 3 ٽي- ٽوئنٽي انٽر نيشنل ميچن جي سيريز کيڏي. ون ڊي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين ميچ ۾ ڪامياب ماڻي ۽ سيريز ۾ شڪست کاڌي ۽ سريلناڪ جي ٽيم سيريز 2-1 تان پنهنجي نالي ڪئي. ان بعد کيڏيل ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ به ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ڏسڻ ۾ آيو. سريلنڪا پهرين ٻن ٽي- ٽونٽي ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پاڪستان آخري ٽي- ٽوئنٽي ميچ 4 وڪيٽن تان کٽي ڪري ڪلين سوئپ تان بچي وئي. دوري دوران قومي ويمن ٽيم مختلف ڪنڊيشنز ۾ کيڏندي قيمتي عالمي تجربو حاصل ڪيو. بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي شعبن ۾ رانديگرياڻين پنهجي صلاحيتن  جو مظاهرو  ڪيو، جڏهن ته ڪوچنگ اسٽاف ايندڙ عالمي مقابلن جي تياري لاءِ ٽيم جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو . پي سي بي جي ترجمان مطابق ويمن ٽيم جي وطن واپسي بعد رانديگرياڻيون مختصر آرام بعد ايندڙ عالمي مصروفيتن جي تياري جي شروعات ڪنديون، جتي تربيتي ڪيمپ ۾ فٽنيس، مهارتن ۾ بهتري ۽ ٽيم ڪامبينيشن  تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن مستقبل جي سيريز ۽ وڏن ايونٽس ۾ بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهن.