بيونس آئرس -06 آگسٽ (اي پي پي) ارجنٽائن جي 52 سالن جي اڳوڻي اسٽرائيڪر مارٽن پالر مو کي هڪ ڀيرو ٻيهر فٽ بال ڪلب پلاٽينسي جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪلب جي جاري سيزن جي مايوس ڪن شروعات کانپوءِ ان تبديلي جو فيصلو ڪرڻو پيو. مارٽن پالرمو کي والٽر زونينو جي جڳهه تي اها ذميواري ڏني وئي آهي. ڪلب جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري …
ارجنٽائين جو اڳوڻو فٽ بالر مارٽن پالر مو هڪ ڀيرو ٻيهر فٽ بال ڪلب پلاٽينسي جو هيڊ ڪوچ مقرر
بيونس آئرس -06 آگسٽ (اي پي پي) ارجنٽائن جي 52 سالن جي اڳوڻي اسٽرائيڪر مارٽن پالر مو کي هڪ ڀيرو ٻيهر فٽ بال ڪلب پلاٽينسي جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪلب جي جاري سيزن جي مايوس ڪن شروعات کانپوءِ ان تبديلي جو فيصلو ڪرڻو پيو. مارٽن پالرمو کي والٽر زونينو جي جڳهه تي اها ذميواري ڏني وئي آهي. ڪلب جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان موجب مارٽن پالرمو سان ڊسمبر 2028 ع تائين جو معاهدو ڪيو ويو آهي. مارٽن پالرمو ان کان اڳ سال 2022ع ۽ 2023ع ۾ به پلاٽينسي جي ڪوچنگ جا فرض سر انجام ڏئي چڪو آهي جڏهن ته مينيجر طور سندس آخري وابستگي برازيل ڪلب فور ٽاليزا سان هئي جتان هو گذريل سال ڊسمبر ۾ الڳ ٿيو هو.












