ڍاڪا- 06 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پارليامينٽ جي اڳوڻي ميمبر شڪيب الحسن جي گهر تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پيٽرول بم اڇلايو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر جي مٿين منزل ۾ باهه لڳي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو واقعو بنگلاديش جي گادي واري شهر کان 170 ڪلوميٽر پري ماگورا ۾ شڪيب الحسن جي اباڻي گهر ۾ پيش آيو. پوليس …
بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن جي گهر تي حملو، پيٽرول بم اڇلائي باهه لڳائي وئي

مزید خبریں
ڍاڪا- 06 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پارليامينٽ جي اڳوڻي ميمبر شڪيب الحسن جي گهر تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پيٽرول بم اڇلايو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر جي مٿين منزل ۾ باهه لڳي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو واقعو بنگلاديش جي گادي واري شهر کان 170 ڪلوميٽر پري ماگورا ۾ شڪيب الحسن جي اباڻي گهر ۾ پيش آيو. پوليس مطابق واقعي وقت گهر ۾ ڪير به موجود نه هو جنهن سبب ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. اهو حملو ان وقت ٿيو جڏهن شڪيب الحسن نئين دهلي ۾ منعقد هڪ ورچوئل تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد 2024ع ۾ اقتدار کان برطرفي بعد پهريون ڀيرو ميڊيا سان ڳالهائيندي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ بنگلاديش واپسي جو اعلان ڪيو. عوامي ليگ جي نمائندگي ڪندڙ 39 سالن جو آل رائونڊرشڪيب الحسن حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ مٿس قتل، مالي بي ضابطگين ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس داخل آهن. ٻئي پاسي بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت شيخ حسينا جي ميڊيا خطاب تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي ملڪي خودمختياري خلاف قرار ڏنو آهي.











