مانچسٽر -06 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وائيٽ بال جي ڪپتان ۽ اوپنر جوز بٽلر ٽي-20 ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڏو سنگ ميل پارڪندي ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي آل رائونڊر ڪيرون پولارڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق 35 سالن جي جوز بٽلر اهو اعزاز جاري ٽورنامينٽ جي هڪ ميچ ۾ حاصل ڪيو جتي هن 6 ڇڪن جي مدد سان 51 رنسن …
جوز بٽلر جي تاريخي ڪاميابي، ڪيرون پولارڊ جو رڪارڊ ٽوڙي ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تاريخ لکي ڇڏي

مزید خبریں
مانچسٽر -06 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وائيٽ بال جي ڪپتان ۽ اوپنر جوز بٽلر ٽي-20 ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڏو سنگ ميل پارڪندي ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي آل رائونڊر ڪيرون پولارڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق 35 سالن جي جوز بٽلر اهو اعزاز جاري ٽورنامينٽ جي هڪ ميچ ۾ حاصل ڪيو جتي هن 6 ڇڪن جي مدد سان 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي مانچسٽر سپر جائنٽس کي مسلسل 3 ناڪامين بعد وڏي ڪاميابي ڏياري. جوز بٽلر مارڪوجينيسن جي بال تي لڳايل پهرين ڇڪي سان گڏ ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر ڪيرون پولارڊ جي 14 هزار 803 ٽي-20 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. جوزبٽلر 492 اننگز ۾ 14 هزار 833 رنسن سان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته ڪيرون پولارڊ 663 اننگز ۾ 14 هزار 803 سان ٻي نمبر تي هليو ويو آهي . يونيورس باس جي نالي سان مشهور ويسٽ انڊيز جو هي ڪرس گيل 455 اننگز ۾ 14 هزار 562 رنسن سان ٽين نمبر تي موجود آهي پر هو هاڻي ڪرڪيٽ ڱي الودا ڪري چڪو آهي . ٻئي پاسي ڪيرون پولارڊ جلد شروع ٿيندڙ ڪيريبين پريميئر ليگ ۾ ٽنبا گونائٽ رائيڊرز جي نمائندگي ڪندو جتي هن وٽ ٻيهر لسٽ تي اچڻ جو موقعو موجود آهي.











