نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو دورو، يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت، فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 5 آگسٽ تي عمان (اردن) جو دورو ڪيو جتي هن يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 5 آگسٽ تي عمان (اردن) جو دورو ڪيو جتي هن يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي غيرقانوني قبضي، غيرقانوني بستين جي توسيع ۽ القدس الشريف جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جي شديد مذمت ڪئي. هن القدس ۾ مسلم ۽ مسيحي مقدس جاين تي هاشمي سرپرستي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پائيدار امن رڳو هڪ آزاد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي طور تي متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. وزارتي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي معاملن واري وزير ايمن الصفدي، الجزائر، صوماليه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان ڪارائتيون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. هن  سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ آر – 4 اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اردن جي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٻين معزز شخصيتن سان گڏ اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. پاڪستان فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع ٻه رياستي حل جي فروغ جي لاءِ اردن، پنهنجي عرب ۽ اسلامي حصيدارن ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي.

مزید خبریں