وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان اسپين جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ مقرر اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون گل دي لاسرنا اربع ڏينهن خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ثقافت، ورثي جي تحفظ، آثارِ قديمه، عجائب گهرن، ادب، تعليم ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف رُخن تي تفصيلي ڳالهيون …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ مقرر اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون گل دي لاسرنا اربع ڏينهن خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ثقافت، ورثي جي تحفظ، آثارِ قديمه، عجائب گهرن، ادب، تعليم ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف رُخن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن ناتن کي ثقافتي رابطن ۽ اداري جاتي سهڪار ذريعي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو. وفاقي وزير اسپين جي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان اسپين سان پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ناتن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ورثي جي تحفظ، آثارِ قديمه جي تحقيق، عجائب گهرن جي ترقي، ادبي مٽاسٽا، ثقافتي ميلن ۽ تعليمي ڀائيواريءَ جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ثقافت قومن وچ ۾ مضبوط پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ گڏيل هم آهنگي، عوامي رابطن ۽ عالمي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. وفاقي وزير بارسلونا جي دؤري کي ياد ڪندي ان کي هڪ يادگار تجربو قرار ڏنو ۽ اسپين جي شاندار ثقافتي ورثي، مهمان نوازي ۽ منفرد طرزِ تعمير کي ساراهيو. هن چيو ته اسپين ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ ڪاروبار، ملازمت ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن هسپانوي کاڌن کي به ياد ڪيو. اورنگزيب خان 25 اپريل 2007ع تي ميڊرڊ ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ طئي ٿيل ثقافتي، تعليمي ۽ سائنسي سهڪار جي مفاهمتي يادداشت جو حوالي ڏيندي چيو ته ان تحت اداره جاتي رابطن، شاگردن ۽ ماهرن جي مٽاسٽا، تعليمي سهڪار، ڄاڻ جي مٽاسٽا، گڏيل تسليم ٿيل سَنَدن ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قدمن جو مضبوط بنياد موجود آهي. هن چيو ته علامه محمد اقبال جي شاعري ۽ اسپين جي فلسفي ۾ خاص اهميت رکي ٿو. هن مسجد قرطبه ۽ The Reconstruction of Religious Thought in Islam سميت اقبال جي تصنيفن جو هسپانوي ترجمن جو ذڪر ڪندي تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين، ڪتاب گهرن ۽ ثقافتي ادارن وچ ۾ اقباليات، ادبي مٽاسٽا ۽ ترجمن جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير پاڪستان جي عظيم آثارِ قديمه خاص ڪري گنڌارا ۽ ٻُڌمت ورثي کي اجاگر ڪندي اسپين کي آثارِ قديمه جي گڏيل سرويز، تحفظ ۽ بحاليءَ جي منصوبن، عجائب گهرن جي ترقي، تاريخي ماڳن جي مرمت ۽ ماهرن جي پيشيوراڻي تربيت ۾ سهڪار جي دعوت ڏني. هن چيو ته ان سهڪار سان گڏيل انساني ورثي جي تحفظ سان گڏوگڏ علمي تحقيق ۽ ثقافتي رابطن جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن قومي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن ۽ اسپين جي ثقافت واري وزارت وچ ۾ ثقافت ۽ ورثي جي شعبي ۾ نئين مفاهمتي يادداشت تي ڳالهين جي به تجويز ڏني، جنهن ۾ گڏيل آثارِ قديمه جي تحقيق، تحفظ جي منصوبن، عجائن گهرن جي مٽاسٽا، پاڪستاني ماهرن جي خاص تربيت، ثقافتي ميلن، فنونِ لطيفه جي نمائشن، ادبي ترجمن ۽ تعليمي سهڪار کي شامل ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير ثقافتي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ مشهوري رکندڙ مواد، ثقافتي نمائشن، آثارِ قديمه جي نمائشن ۽ علمي وفدن جي باقاعده مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڀريو. هن اسپين جي سفير کي قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي سالياني ثقافتي ميلي لوڪ ميلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو ته گذريل سال ان ميلي ۾ اٽڪل 40 لک ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. هن اسپين کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي روايتي کاڌن، موسيقي، رقص، هٿ جي هنر ۽ ٻيا ثقافتي رنگ ان ميلي ۾ پيش ڪري ته جيئن ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي جي ثقافت سان وڌيڪ ويجهو اچي سگهن. وفاقي وزير پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) جو تعارف به ڪرايو ۽ اسپين جي سفير کي اسلام آباد ۾ قائم ان جي مرڪزي آرٽ گيلريءَ جي دؤري جي دعوت ڏني ته جيئن فنونِ لطيفه جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار جي امڪانن جو جائزو وٺي سگهجي. ان موقعي تي اسپين جي سفير ڪارلوس آرا گون گل دي لاسرنا پاڪستان جي شاندار ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کي ساراهيندي ثقافت، آثارِ قديمه، ورثي جي تحفظ، عجائب گهرن، تعليم ۽ ادبي مٽاسٽا جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسپين ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ۾ سندس ڪيترائي ويجها دوست آهن، جيڪي هسپانوي معاشري ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اسپين جي اسلامي ورثي، تاريخي اسلامي يادگارن ۽ خطاطي جي روايتن جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ وسيع ثقافتي سهڪار جي خواهش ظاهر ڪئي. هن چيو ته اسپين دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي عالمي ثقافتي ورثي جا سڀ کان وڌيڪ ماڳ موجود آهن ۽ ان جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته اسپين ۾ علامه محمد اقبال جي فلسفي وارين لکڻين جو هسپانوي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو پيو وڃي، جيڪو اسپين سان گڏ اقبال جي گهري فڪري ۽ تاريخي تعلق جي عڪاسي ڪري ٿو. سفير پشاور ۽ ٽيڪسلا جي عجائب گهرن جي پنهنجي دؤرن کي شاندار تجربو قرار ڏيندي گنڌارا تهذيب ۽ پاڪستان جي آثارِ قديمه جي ڀرپور تعريف ڪئي. هن لاهور جي لغڙ اُڏائڻ جي ثقافت کي پڻ ساراهيو ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز (نمل) جي عالمي ٻولين جي تدريس ۾ خدمتن کي تحسين جوڳو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هسپانوي ٻولي سکندڙن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. ان موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني سفير کي ٻُڌايو ته اسلام آباد ۾ جلد عالمي اديبن جي ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ هسپانوي اديبن جي شرڪت جي آجيان ڪئي ويندي. هن سفير کي اسلام آباد ميوزيم ۾ قائم گنڌارا گيلري جي دؤري جي به دعوت ڏني، جتي تازو ئي وطن واپس آندل ناياب تاريخي نوادرات نمائش لاءِ رکيا ويا هئا. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي شخصيتن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي عملي شڪل ڏيڻ، اداره جاتي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ جٽادارا دوستاڻن ناتن کي نئين جدت ڏيڻ لاءِ باقاعده رابطا برقرار رکيا ويندا.

مزید خبریں