اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي قائم گلگت بلتستان جائزه ڪميٽيءَ جو اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي مالياتي، انتظامي ۽ ترقياتي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ مختلف شعبن ۾ سڌارن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ گلگت …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي جائزه ڪميٽيءَ جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي قائم گلگت بلتستان جائزه ڪميٽيءَ جو اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي مالياتي، انتظامي ۽ ترقياتي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ مختلف شعبن ۾ سڌارن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي ڊگهي مُدي واري مالياتي پائيداري، پن بجلي جي ترقي، توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا، موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي حڪمتِ عملي، ڊجيٽل رابطا ڪاري، عوامي خدمتن جي فراهمي ۽ ترقياتي ترجيحن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڪميٽيءَ پنهنجون سفارشون جوڙي وزيراعظم کي پيش ڪندي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان لاءِ قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جي اصولن جي روشنيءَ ۾ شفاف، منصفاڻي ۽ پائيدار مالي وسيلن جي ورڇ جي نظام جي جوڙجڪ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. احسن اقبال گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير لاءِ اين ايف سي طرز جي مالياتي فريم ورڪ جي تياريءَ جي حمايت ڪندي ان مقصد لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽيءَ ۾ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، گلگت بلتستان جي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وفاقي وزير، اٽارني جنرل پاڪستان، پرڏيهي وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جا نمائندا شامل ٿيندا. ڪميٽي هڪ مهيني اندر پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته گلگت بلتستان لاءِ ڪڻڪ تي سبسڊي جو پُراڻو مسئلو حل ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت بدستور ان مد ۾ مالي معاونت فراهم ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي استحڪام پيڪيج جو به جائزو ورتو ويو جڏهن ته ٻُڌايو ته سال 2022ع کانپوءِ وفاقي مالي معاونت ۾ 87 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. گلگت بلتستان حڪومت جي نمائندن وفاقي حڪومت جي مسلسل معاونت کي ساراهيو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت گلگت بلتستان جي ترقياتي رٿائن لاءِ مختص رنڊز ۾ مسلسل واڌ ڪئي آهي. مالي سال 25-2024ع ۾ 132.851 ارب رپين مان وڌائي مالي سال 26-2025ع ۾ 150.4 ارب رپيا ۽ هلندڙ مالي سال 27-2026ع ۾ وڌيڪ وڌائي 157.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي خطي جي ترقيءَ لاءِ حڪومت جي پُختي عزم جو مظهر آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي توانائيءَ جي شعبي ۾ درپيش مسئلن، بجلي جي کوٽ، طلب ۽ رسد جي فرق، ترسيلي نظام جي ڪمزوري ۽ علائقائي گرڊ جي قيام بابت معاملن تي به غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن قومي گرڊ سان مؤثر رابطو ۽ قومي توانائي ادارن ۾ گلگت بلتستان جي نمائندگي مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ريجنل گرڊ گلگت بلتستان فيز اول منصوبي تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. 9.1 ارب رپين جي لاڳت سان منظور ٿيل اهو منصوبو بجلي جي فراهمي جي نظام کي نمايان طور تي بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته گلگت بلتستان جي مختلف ماڳن تي مجموعي طور تي 100 ميگاواٽ صلاحيت جي تقسيل ٿيل شمسي توانائي منصوبن جي شروعات به ٿي چڪي آهي جن تي 24.9 ارب رپين لاڳت ايندي. انهن منصوبن جو مقصد خطي ۾ بجلي جي پُراڻي بحران جو مؤثر حل فراهم ڪرڻ آهي. احسن اقبال منصوبا بندي واري سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي جيڪو گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺندي، ان جي وقت سر تڪميل ۾ موجود رڪاوٽن جي نشاندهي ڪندي ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ لاءِ عمل جوڳيون سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي وسيع پن بجلي وسيلن تي به غور ڪيو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ۽ آبي وسيلن واري وزارت ۾ هڪ ڌار ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پن بجلي منصوبن ۾ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ تجديد جوڳي توانائيءَ جي منصوبن جي تيز رفتار تڪميل لاءِ سفارشون جوڙي. وفاقي وزير چيو ته شديد مالي دٻاءُ باوجود وفاقي حڪومت هر سال گلگت بلتستان جي ترقيءَ لاءِ خاطرخواه وسيلا رکي رهي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ وفاقي ترقياتي پروگرام جي مجموعي ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. وفاقي حڪومت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ اداره جاتي سڌارن، مالياتي استحڪام، مالياتي ڍانچي جي ترقي، بهتر رابطا ڪاري ۽ خطي جي قدرتي معاشي وسيلن جي مؤثر استعمال ذريعي پائيدار ۽ ترقيءَ کي يقيني بڻايو ويندو.










