لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن طرفان 5 آگسٽ جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي حوالي سان يوم استحصال ڪشمير سيمينار منعقد

لنڊن- 05 آگسٽ (اي پي پي) لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي حوالي سان يوم استحصال ڪشمير سيمينار منعقد ڪيو. سيمينار ۾ برطانوي پارليمينٽرين لارڊ قربان حسين، بيرونس نوشينه مبارڪ، افضل خان ايم پي، عدنان حسين ايم پي، ڪائونسلر ياسمين ڊار، لياقت علي ايم بي اي چيئرمين، يو ڪي- پاڪستان ڪشميري ڪائونسلرز فورم، ڄمون ڪشمير سيلف ڊيٽرمينيشن موومينٽ انٽرنيشنل …

لنڊن- 05 آگسٽ (اي پي پي) لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي حوالي سان يوم استحصال ڪشمير سيمينار منعقد ڪيو. سيمينار ۾ برطانوي پارليمينٽرين لارڊ قربان حسين، بيرونس نوشينه مبارڪ، افضل خان ايم پي، عدنان حسين ايم پي، ڪائونسلر ياسمين ڊار، لياقت علي ايم بي اي چيئرمين، يو ڪي- پاڪستان ڪشميري ڪائونسلرز فورم، ڄمون ڪشمير سيلف ڊيٽرمينيشن موومينٽ انٽرنيشنل (جي ڪي ايس ڊي ايم آءِ) جي چيئرمين راجه نجابت حسين، محمد نديم، پيٽر بورو جي اڳوڻي ڊپٽي ميئر، سماجي ڪارڪنن، اديب ۽ برطانيه ۾ رهندڙ ڪشميرين شرڪت ڪئي. اربع ڏينهن جاري بيان مطابق برطانوي پارليامنٽ جي ميمبرن، ناليواري قانوني ماهرن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ مهمان مقررن، 7 سال اڳ ڀارتي حڪومت طرفان آرٽيڪل 370 جي غيرقانوني ۽ غير آئيني لاڳو ٿيڻ جي شديد مذمت ڪئي. سيمينار دوران مقررن ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير (آءِ آءِ او جي ڪي) ۾ انساني حقن جي ڀڇڪڙين کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پرامن حل جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي شرڪت ڪندڙن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق حل ڪيو وڃي. ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مقررن، هڪ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ۾ اهم پاليسي فيصلي سازن تائين هڪ منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ پهچ جو خاڪو پيش ڪيو. هاءِ ڪمشنر ٽيپو عثمان عالمي برادري خاص طور تي برطانيه تي زور ڀريو ته هو انصاف جو ساٿ ڏئي ۽ ڀارت تي زور ڀري ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺي، ڄمون ۽ ڪشمير جي حقن ۽ خاص حيثيت جي بحالي ۽ سڀني کان اهم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جو احترام ڪري جيڪا ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪن ٿا. سيمينار دوران ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. شرڪت ڪندڙن ڪشمير جي شهيدن کي خراجِ عقيدت ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي به اختيار ڪئي.

مزید خبریں