اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يومِ استحصال ڪشمير جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، سيمينار ۽ ٻين پروگرامن جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي شاهراهه دستور تي هڪ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ زندگيءَ جي …
سڄي ملڪ ۾ يومِ استحصال ڪشمير جي حوالي سان ريليون، سيمينار ۽ ٻين پروگرامن جو بندوبست ڪيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يومِ استحصال ڪشمير جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، سيمينار ۽ ٻين پروگرامن جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي شاهراهه دستور تي هڪ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي قيادت وفاقي وزير امير مقام، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي ڪنوينر غلام محمد صفي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير امير مقام ۽ ٻين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي بهادري ۽ ثابت قدمي کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته ڀارتي ڏاڍ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين باوجود ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ جو عزم ڪمزور ناهي ٿيو. هنن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڄمون ڪشمير تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. ڪراچيءَ ۾ به ريلي جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي صوبائي وزير سعيد غني ڪئي. ريليءَ جي پڄاڻيءَ تي منعقد هڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪندي سعيد غني والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير جي جدوجهد آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي حمايت هر سطح تي جاري رکي ويندي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ شيخ عبدالمتين چيو ته 5 آگسٽ ڀارت جي ان غير قانوني قدمن جي ياد ڏياري ٿو، جنهن ذريعي هن 2019ع ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي سياسي، آئيني ۽ بنيادي انساني حقن تي سنگين حملو ڪيو. هن عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد يقيني بڻائي ۽ ڪشميري عوام کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. پنجاب جي گاديءَ واري هنڌ لاهور ۾ به ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي صوبائي وزير بلال ياسين، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي سينيئر اڳواڻ محمود احمد ساغر، حريت اڳواڻن زاهد مجتبيٰ، انجنيئر مشتاق محمود ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي بلال ياسين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڀارت جبر ۽ ڏاڍ جي وحشياڻي هٿڪنڊن باوجود ڪشميرين جي آزاديءَ واري جذبي کي دٻائي نه سگهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ مڪمل طور تي ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. محمود احمد ساغر ۽ ٻين 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڀارتي قدمن جي مذمت ڪندي ان کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار کي ڪشميري عوام جي اُمنگن موجب حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خيبرپختونخواهه جي گاديءَ واري هنڌ پشاور ۾ به ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير جي اڳواڻن منظور احمد شاهه ۽ داد يوسف زئي ڪئي. بلوچستان صوبي جي گاديءَ واري هنڌ ڪوئيٽا ۾ به ريليءَ جو بندوبست ڪيو ويو. ريليءَ ۾ ڪشميرين جي نمائندگي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي اڳواڻ حسن البنا ڪئي. گلگت بلتستان ۾ به يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي سيمينار جو بندوبست ڪيو ويو ۽ هڪ عظيم الشان يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي وڏي وزير امجد حسين آذر، صوبائي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي اڳواڻن، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري امتياز واني، وڪيلن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير ان موقعي تي چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد آزادي، انصاف، حق ۽ عالمي قانون جي جدوجهد آهي، جنهن جي حمايت پاڪستان جي هر شهريءَ جي ذميداري آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ ظلم ذريعي ڪشميري عوام جي آزاديءَ واري جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي ڪشميري عوام کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪن. امتياز واني پنهنجي خطاب ۾ گلگت بلتستان حڪومت طرفان يومِ استحصال ڪشمير کي سرڪاري سطح تي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ ۽ سمورين سياسي قوتن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ جي قدمن کي تاريخي قرار ڏنو. مظفر آباد ۾ يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان کان علاوه يومِ استحصال ڪشمير جي سلسلي ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي گاديءَ واري هنڌ مظفر آباد ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ جو بندوبست ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل ۽ حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي گڏيل طور تي ڪيو هو. ريليءَ ۾ حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻ چوڌري شاهين، عديل مشتاق واني، محمد شفيع ڊار سميت آزاد ڪشمير جي سياسي ۽ سماجي سخصيتن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جا جهنڊا هئا. هنن ڀارت خلاف ۽ آزاديءَ جي حق ۾ نعرا لڳايا. مقررن چيو ته 370 ۽ 35 اي جي رد ٿيڻ کان پوءِ ڀارت لکين ڀارتي شهرين کي غير قانوني طور تي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ۽ سَوين ڪشميرين کي سندن جائيداد ۽ سرڪاري ملازمن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.











