محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي فعال ادارو بنائڻ، ڪشمير چؤڪ ۽ فيصل مسجد انڊر پاسز تي ڪم ايندڙ مهيني شروع ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ ايمرجنسي 1122 جو باقاعده سيٽ اپ نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي فعال ادارو بنائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي، قانوني گهُرجون مڪمل ڪري ڪيپيٽيل ايمرجنسي سروسز جي 4 نون سينٽرن تي جلد کان جلد ڪم جي شروعات ڪئي …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ ايمرجنسي 1122 جو باقاعده سيٽ اپ نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي فعال ادارو بنائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي، قانوني گهُرجون مڪمل ڪري ڪيپيٽيل ايمرجنسي سروسز جي 4 نون سينٽرن تي جلد کان جلد ڪم جي شروعات ڪئي وڃي. گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ جاري ۽ نَون ترقياتي رٿائن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ عوام جي سهولت ۽ ٽريفڪ جي روانيءَ لاءِ 2 نوان انڊر پاس بڻجندا، ڪشمير چؤڪ ۽ فيصل مسجد انڊر پاسز تي ڪم ايندڙ مهيني شروع ڪيو ويندو. ترقياتي منصوبن سان اداري جي مالي مضبوطي به هڪجهڙي اهميت رکندڙ آهي. روينيو وڌائڻ جي عمل جوڳن منصوبن تي جلد اڳڀرائي يقيني بڻائي وڃي. گهرو وزير هدايت ڪئي ته ايڪسپريس وي سروس روڊ پراجيڪٽ تي ڪم هر صورت ۾ مقرر ڪيل ٽائيم لائن موجب مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آباد جي مختلف ميگا پراجيڪٽس تي اڳڀرائي ۽ آئينده رٿابندي تي بريفنگ ڏني وئي.

مزید خبریں