سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جو گڏيل ٽرانس شپمينٽ ترغيبي پيڪيج جو اعلان

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري هڪ گڏيل ٽرانس شپمينٽ ترغيبي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي ڪارگو هينڊلنگ جا خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ علائقائي شپنگ ٽريفڪ کي راغب ڪرڻ لاءِ وڏيون رعايتون ڏنيون ويون آهن. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اربع ڏينهن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي)، پورٽ قاسم اٿارٽي …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري هڪ گڏيل ٽرانس شپمينٽ ترغيبي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي ڪارگو هينڊلنگ جا خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ علائقائي شپنگ ٽريفڪ کي راغب ڪرڻ لاءِ وڏيون رعايتون ڏنيون ويون آهن. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اربع ڏينهن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي)، پورٽ قاسم اٿارٽي (پي ڪيو اي) ۽ ان جي ڪنٽينر ٽرمينل آپريٽرز طرفان گڏيل طور تي متعارف ڪرايل ان پيڪيج ۾ ڪنٽينرائزڊ، بلڪ ۽ بريڪ بلڪ ٽرانس شپمينٽ ڪارگو لاءِ ويٽ چارجز (سامونڊي جهازن بابت خرچ)، وارفج، اسٽوريج فيس ۽ ٽرمينل هينڊلنگ چارجز ۾ گهٽتائي شامل آهي. ان فريم ورڪ جا تفصيل ٻُڌائيندي جنيد انوار چوڌري چيو ته اهو ترغيبي نظام ٽرانس شپمينٽ ڪارگو (ڪنٽينرائزڊ ۽ بلڪ/بريڪ بلڪ ڪارگو) کڻي ويندڙ جهازن لاءِ پورٽ ويٽ چارجز تي سليب (درجابندي) جي بنياد تي رعايت متعارف ڪرائي ٿو. 5 کان 10 سيڪڙو ٽرانس شپمينٽ ڪارگو وارن جهازن کي 20 سيڪڙو رعايت ملندي، 11 کان 25 سيڪڙو ڪارگو تي اها رعايت وڌائي 30 سيڪڙو، 26 کان 50 سيڪڙو تي 50 سيڪڙو، 50 کان 90 سيڪڙو ڪارگو وارن جهازن (ڪنٽينر جهازن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار ٽي اي يوز) لاءِ 70 سيڪڙو ۽ 90 کان 100 سيڪڙو ڪارگو وارن جهازن (ڪنٽينر جهازن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3500 ٽي اي يوز) لاءِ 80 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. ان کان علاوه پي ٽي وارفج جا خرچ 20 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو تائين رعايت فراهم ڪندو (جنهن ۾ 70 سيڪڙو رعايت لاءِ ڪنٽينر بردار جهازن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار ٽي اي يوز ۽ 80 سيڪڙو رعايت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3500 ٽي اي يوز جي شرط هوندي). ان کان علاوه ٽرمينلز تي 14 ڏينهن ۽ ايجنٽ جي ذميداريءَ تحت ڪي پي ٽي ايڪس ڪارگو ايريا ۾ 30 ڏينهن تائين مفت اسٽوريج جي سهولت به ڏني ويندي. پي ڪيو اي وارفج ۾ 100 سيڪڙو رعايت سان گڏوگڏ ٽرمينلز تي 7 ڏينهن جي مفت اسٽوريج جي سهولت ڏيندو جنهن کي ايجنٽ جي ذميداريءَ تحت ڪارگو جي چُرپر لاءِ 21 ڏينهن وڌائي سگهجي ٿو. بندرگاهه طرفان ڏني ويندڙ انهن مراعتن سان گڏوگڏ پاڪستان جي 4 وڏن ڪنٽينر ٽرمينلز به ٽرانس شپمينٽ ڪنٽينرز لاءِ ٽرمينل هينڊلنگ چارج (ٽي ايڇ سي) ۾ نمايان گهٽتائيءَ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل (ڪي اي سي ٽي)، سان گڏ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز (ايس اي پي ٽي ايل)، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل لميٽيڊ (ڪي ڪي ٽي ايل) ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جو قاسم انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل (ڪيو آءِ سي ٽي) ٽرانس شپمينٽ ڪارگو مينيفسٽ (منصوبابندي فهرست) جي 5 کان 10 سيڪڙو حصي تي 10 سيڪڙو، 11 کان 25 سيڪڙو حصي تي 20 سيڪڙو ۽ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ حصي تي 25 سيڪڙو تائين ٽرمينل هينڊلنگ چارجز ۾ رعايت پيش ڪندي. اهي مراعتون 20 فوٽ ۽ 40 فوٽ، ٻنهي طرف جي ڪنٽينرز تي لاڳو هوندا ۽ شپنگ لائنز لاءِ هينڊلنگ جي مجموعي لاڳت ۾ نمايان گهٽتائي آڻيندي. وفاقي وزير چيو ته هي نئون فريم ورڪ ٽرانس شپمينٽ رعايت بابت سمورن اڳوڻن نوٽيفڪيشنز ۽ ايس آر اوز جي جاءِ هڪ اهڙو واحد، شفاف ۽ ڪارڪردگيءَ تي ٻَڌل نظام لاڳو ڪندو جيڪو ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم، ٻنهي تي لاڳو هوندو. ڪي پي ٽي جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) شاهد احمد چيو ته ان پيڪيج سان ٽرانس شپمينٽ جي خرچن ۾ گهٽتائي، اضافي مين لائن شپنگ سروسز جي آمد، جهازن جي ٽرن ارائونڊ ٽائيم (آمدورفت جي مُدت) ۾ بهتري ۽ پاڪستان بندرگاهن ذريعي علائقائي ڪارگو جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ جو امڪان آهي.

مزید خبریں