سنگاپور- 05 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري رهيو. پرڏيهي ميڊيا ذريعن مطابق برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 92 سينٽ يا لڳ ڀڳ 1.2 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 78.44 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. هلندڙ هفتي دوران هاڻي تائين برينٽ جي قيمت ۾ 12 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي اچي چڪي آهي. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سودا …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري

مزید خبریں
سنگاپور- 05 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري رهيو. پرڏيهي ميڊيا ذريعن مطابق برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 92 سينٽ يا لڳ ڀڳ 1.2 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 78.44 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. هلندڙ هفتي دوران هاڻي تائين برينٽ جي قيمت ۾ 12 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي اچي چڪي آهي. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سودا 1.07 ڊالر يا 1.4 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 74.70 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. هلندڙ هفتي دوران ان جي قيمت به 11 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي چڪي آهي.











