سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10 هزار رپين جي واڌ رڪارڊ، في تولو سون 4 لک 37 هزار 936 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10،000 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 10 هزار رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 8573 رپين جي …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10،000 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 10 هزار رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 8573 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 66 هزار 886 رپين مان وڌي 3 لک 75 هزار 459 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 36 هزار 324 رپين مان وڌي 3 لک 44 هزار 183 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 273 رپين جي واڌ کانپوءِ 6624 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 235 رپين جي واڌ کانپوءِ 5679 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4055 ڊالرز مان وڌي 4155 ڊالرز ٿي وئي.

مزید خبریں