ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2931.71 پوائنٽس جي اضافي سان 1 لک 80 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ورتي

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ڪاروبار دوران تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2931.71 پوائنٽس جي اضافي سان 180014.93 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 740.558 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي مجموعي ماليت 35.907 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري (مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن) به 19.833 ٽريلين رپين …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ڪاروبار دوران تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2931.71 پوائنٽس جي اضافي سان 180014.93 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 740.558 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي مجموعي ماليت 35.907 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري (مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن) به 19.833 ٽريلين رپين کان وڌي 20.090 ٽريلين رپيا ٿي وئي. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 563 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 303 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 158 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 102 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڳاڻٽي جي لحاظ سان ٽرسٽ بروڪريج سرفهرست رهيو، جتي 52.897 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو. ان کانپوءِ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 42.520 ملين ۽ سينر جيڪو پي ڪي جي 40.200 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي رڪارڊ ڪئي وئي. سڀ کان وڌيڪ اضافو ڪرڻ واري شيئرز ۾ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ(بي) نمايان رهي جنهن جي شيئرز جي قيمت 336 رپين جي اضافي کانپوءِ 17896 رپين تي بند ٿي. دي ٿل انڊسٽريز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي شيئرز 121.67 رپيا اضافي سان 1408.39 رپين تي بند ٿيا. ٻي طرف يوني ليور پاڪستان فوڊز لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 86 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اها 25300 رپين تي بند ٿيا، جڏهن ته خيبر ٽيڪسٽائل ملز لميٽيڊ جي شيئرز 59.78 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 1981.32 رپين تي اچي ويا. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 985.50 پوائنٽس جي اضافي سان 53821.81 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 4144.78 پوائنٽس جي بهتري سان 253547.38 پوائنٽس تي بند ٿيو.

مزید خبریں