سنڌ جي وڏي وزير جو يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي خاص پيغام

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ والاريل ڪشمير جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل هڪ طرفا قدم عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته يومِ استحصالِ ڪشمير والاريل ڪشمير جي …

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ والاريل ڪشمير جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل هڪ طرفا قدم عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته يومِ استحصالِ ڪشمير والاريل ڪشمير جي عوام جي تڪليفن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ياد ڏياريندو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حقِ خوداراديت واري جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهن ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان هميشه ڪشمير مسئلي جو پرامن، سفارتي ۽ ڳالهين ذريعي حل چاهيو آهي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن صرف ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ممڪن آهي. هن يومِ استحصال تي ڪشميري عوام جي بهادري، ثابت قدمي ۽ قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏهن ته سنڌ جي عوام ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي.

مزید خبریں