صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي تعميراتي ڪمن جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني رڪاوٽن کي اڳواٽ ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته منصوبي ۾ دير کان بچڻ لاءِ يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ ري لوڪيشن سان لاڳاپيل سمورا قدم فوري طور مڪمل ڪيا وڃن. اهي هدايتون سنڌ جي …

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني رڪاوٽن کي اڳواٽ ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته منصوبي ۾ دير کان بچڻ لاءِ يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ ري لوڪيشن سان لاڳاپيل سمورا قدم فوري طور مڪمل ڪيا وڃن. اهي هدايتون سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس دوران جاري ڪيون ويون. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ييلو لائين بي آر ٽي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال دايو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي تعميراتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ منصوبي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ييلو لائين جي اختيارين سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي منصوبي جي مختلف حصن تي جاري تعميراتي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سمورا ڪم رٿابندي موجب جاري آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي تائين منصوبي جا ڊيپو مڪمل ٿي ويندا. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته عوام کي پيش ايندڙ تڪليفن کي نظر ۾ رکندي تاج حيدر پل جي ٻئي حصي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته منصوبي جي رفتار هر صورت برقرار رکي وڃي ۽ تعميراتي ڪم ۾ پيش ايندڙ سموريون رڪاوٽون فوري طور ختم ڪيون وڃن. سندس چوڻ هو ته يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ ري لوڪيشن سان لاڳاپيل سمورا معاملا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن منصوبو جلد مڪمل ٿي سگهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي ڪراچي جي عوام لاءِ انتهائي اهم عوامي منصوبو آهي ۽ ان کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏيل سهڪار، مؤثر رابطي ۽ وقت سر فيصلن ذريعي منصوبي کي درپيش سمورن مسئلن کي فوري طور حل ڪيو وڃي ته جيئن منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ٿي سگهي.

مزید خبریں