اطلاعات کاتي ۾ ڪشمير استحصال ڏينهن جي مناسبت سان خاص تقريب منعقد

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات کاتي ۾ ڪشمير استحصال ڏينهن جي مناسبت سان خاص تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي ڪشميرين سان يڪجھتي جي حوالي سان ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجھد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سندن حقِ خوداراديت جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي …

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات کاتي ۾ ڪشمير استحصال ڏينهن جي مناسبت سان خاص تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي ڪشميرين سان يڪجھتي جي حوالي سان ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجھد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سندن حقِ خوداراديت جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز ڊاڪٽر معيزالدين پيرزادي چيو ته ڪشميري عوام بنيادي حقن جي حاصلات ۽ حق خود اراديت لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته اسين سڀ والاريل ڪشمير جي عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ڪشمير استحصال ڏينهن ملهائڻ جو مقصد دنيا جو ڌيان ھن بنيادي مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ آھي ته ڪشميرين کي سندن جائز حق ڏياريو وڃي ۽ قابض ڀارت کان ڇٽڪارو ڏيارو وڃي. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر اشتهارات محمد يوسف ڪاٻوڙو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر پبليڪيشن امتيار علي جويو، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس طارق امام، ڊائريڪٽر پريس غلام سرور سميجو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن عبدالماجد خان، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محمد عمران، ڊائريڪٽر ليگل فدا حسين بالادي، ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ ٻين آفيسرن ۽ اسٽاف وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں