سکر- 05 آگسٽ (اي پي پي) يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي ضلعي انتظاميا سکر پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان ڪئي، جڏهن ته سنڌ رينجرز، پوليس، مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، عالمن، استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ميونسپل اسٽيڊيم سکر کان شروع ٿي سکر پريس …
ضلعي انتظاميا سکر پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
سکر- 05 آگسٽ (اي پي پي) يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي ضلعي انتظاميا سکر پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان ڪئي، جڏهن ته سنڌ رينجرز، پوليس، مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، عالمن، استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ميونسپل اسٽيڊيم سکر کان شروع ٿي سکر پريس ڪلب تي پهتي، جتي ان جي پڄاڻي ٿي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا، جن تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي، خود اراديت واري حق جي حمايت ۽ ڀارتي ظلمن خلاف نعرا درج هئا. ريلي جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام جي حقِ خود اراديت واري جدوجهد ۾ سندن ساٿاري آهي ۽ کين ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي سامهون ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪري عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي سندن بنيادي خود اراديت وارو حق ڏنو وڃي، جيئن هو پنهنجي مرضي سان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن. ڊپٽي ڪمشنر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري. ريلي جي شرڪت ڪندڙن ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڀارتي ظلمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ ڪشميري عوام جو رشتو ايمان، تاريخ ۽ قربانين تي ٻڌل آهي، جيڪو هر آزمائش سان وڌيڪ مضبوط ٿيندو.











