پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت  جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 5 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران پنهنجي غير قانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي قدم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي جڏهن ڀارت هڪ طرفي ۽ غير قانوني قدم ذريعي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي …

اسلام آباد- 5 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران پنهنجي غير قانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي قدم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي جڏهن ڀارت هڪ طرفي ۽ غير قانوني قدم ذريعي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪئي ۽  ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت کي ختم ڪيو. پاڪستان ڪشميري عوام جي خود اراديت جي حق جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اربع ڏينهن ڪشميرين جي يوم استحصال جي ڏينهن جي موقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته سالن کان ڪشميري عوام بيشمار قربانيون ڏنيون آهن پر انهن جي آزادي جي جذبي کي ڀارت دٻائي نه سگهيو آهي پر ڪشميرين جي آزادي ۽ سندن حق خود اراديت واري جدوجهد اڃا تائين پوري طاقت سان جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد فراهم ڪندو رهندو، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشميري عوام کي انهن جا بنيادي حق فراهم ڪرڻ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڪشمير جي شهيدن جا درجات بلند ڪري ۽ ڪشميري عوام کي آزادي ۽ امن جي نعمتن سان نوازي.

مزید خبریں