ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل پاڪستان جي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ عوام جي حقيقي سياسي قيادت کي مسلسل دٻائڻ، شهري آزادين تي پابنديون لڳائڻ ۽ آزاد سڌ سماءَ وارن ذريعن ۽ ڊجيٽل مواصلات تي پابنديون برقرار رکڻ شيد ڳڻتي جو سبب آهي، ڪشمير تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ عوام جي حقيقي سياسي قيادت کي مسلسل دٻائڻ، شهري آزادين تي پابنديون لڳائڻ ۽ آزاد سڌ سماءَ وارن ذريعن ۽ ڊجيٽل مواصلات تي پابنديون برقرار رکڻ شيد ڳڻتي جو سبب آهي، ڪشمير تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سڀ کان بنيادي ۽ پراڻو حل طلب مسئلو آهي. اربع ڏينهن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ پختي يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.  اسان هن ڏينهن کي ان عزم سان ملهائيندا آهيون ته دنيا کي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي انهن غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي سنگيني جي ياد ڏياريون جن ذريعي هن غيرقانوني طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ڪيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومنج ي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود اهي غيرقانوني قدم نه ته ڄمون ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي پنهنجي جائز خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ جي پختي عزم کي ڪمزور ڪري سگهيا آهن. هن چيو ته انهن قدمن سان ڀارتي رياستي ڏاڍ ۾ اضافو ڪيو ، بنيادي آزادين کي محدود ڪيو  ۽ غيرقانوني قانونسازي ۽ انتظامي قدمن ذريعي علائقي جي آبادياتي شرح کي تبديل ڪرڻ جي مڪروهه ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪيو.  هن  چيو ته ڪشميرين جي مثالي جدوجهد انصاف، انساني وقار ۽ عالمي قانون جي بالادستي تي يقين رکندڙ سمورن ماڻهن ۽ قومن جي حمايت  ۽ احترام جي مستحق آهي.  ڄمون ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سڀ کان بنيادي ۽ پراڻو حل طلب مسئلو آهي، خطي ۾ پائيدار امن، طاقت جي استعمال يا هڪ طرفي قدمن سان نه پر ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ان تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل سان ئي ممڪن آهي.  هن چيو ته هاڻي وقت جي ضرورت آهي ته عالمي برادري کي رڳو ڳڻتي جي اظهار تائين محدود رهڻ بدران ان پراڻي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پراڻي حل لاءِ پنهنجو اثرائتو ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.  ان موقعي تي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيون ٿا ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل پاڪستان جي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي.  پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو ۽ انهن جي آواز کي هر علائقائي ۽ عالمي فورم تي پوري قوت سان بلند رهندو رهندو. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو ڀارت تي زور ڀري ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون بند ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان لاڳو ڪيل پنهنجا غيرقانوني ۽ هڪ طرفا قدم واپس وٺي، ڄمون ڪشمير جي عوام تي مڙهيل جابراڻا قانون ختم ڪري ۽ سازگار ماحول پيدا ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب پنهنجي خوداراديت واري حق کي آزاداڻي طور استعامل ڪندي ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جي راهه هموار ڪري سگهن.

مزید خبریں