ڀارت جو 5 آگسٽ 2019ع جو والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ وارو غير قانوني قدم ناقابل قبول آهي: وفاقي وزير خالد حسين مگسي

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته ارت جو 5 آگسٽ 2019ع جو والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ وارو غير قانوني قدم ناقابل قبول آهي، پاڪستان ان قدم کي سختي سان رد ڪري ٿو. 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان جي اصولي موقف ۾ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ڪرڻ جي ڪا به …

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته ارت جو 5 آگسٽ 2019ع جو والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ وارو غير قانوني قدم ناقابل قبول آهي، پاڪستان ان قدم کي سختي سان رد ڪري ٿو. 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان جي اصولي موقف ۾ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ناهي. ڪشميرين جي آزادي ۽ حق خوداراديت جي حمايت اسان جي قومي پاليسي جو مستقل حصو آهي. پاڪستان هر سطح تي سندن جائز حقن ۽ منصفاڻي جدو جهد جي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت جا هڪ طرفه قدم انساني حقن، عالمي قانون ، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ڄاڻايل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته اها والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي سندن بنيادي حق خوداراديت ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. خالد حسين مڱسي چيو ته پاڪستان هر قومي ۽ عالمي فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪندو رهندو. پنهنجي اصولي موقف کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري عوام سان گڏ آهي ۽ سندن سياسي سفارتي ۽ اخلاقي  حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں