اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ ڪشمير مسئلي تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي.اربع تي قوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي جڏهن ته ڪشمير مسئلي تي پوري قوم هڪ جان آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو …
پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ ڪشمير مسئلي تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي: گورنر خيبرپختونخواه

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ ڪشمير مسئلي تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي.اربع تي قوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي جڏهن ته ڪشمير مسئلي تي پوري قوم هڪ جان آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو جڏهن ڀارت ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي ٺهراءَ جي خلاف ورزي ڪئي. فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن تي زور ڀريو ته ا هي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب خواراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪن.











