لاهور _ 5 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن(ايف آءِ ايڇ) 15 کان 30 آگسٽ 2026ع تائين نيڌرلينڊ جي شهر ايمسٽيلوين ۽ بيلجئيم ۾ ٿيندڙ مينز هاڪي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20 رڪني اسڪواڊ ۽ ٽيم مينيجمينٽ جو باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي. پي ايڇ ايف جي ترجمان مطابق ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ بعد قومي ٽيم دنيا جي سڀ کان وڏي هاڪي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ تيار آهي ، جڏهن ته …
ايف آءِ ايڇ مينز هاڪي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20 رڪني قومي اسڪواڊ ۽ ٽيم مينيجمينٽ جو اعلان

مزید خبریں
لاهور _ 5 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن(ايف آءِ ايڇ) 15 کان 30 آگسٽ 2026ع تائين نيڌرلينڊ جي شهر ايمسٽيلوين ۽ بيلجئيم ۾ ٿيندڙ مينز هاڪي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20 رڪني اسڪواڊ ۽ ٽيم مينيجمينٽ جو باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي. پي ايڇ ايف جي ترجمان مطابق ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ بعد قومي ٽيم دنيا جي سڀ کان وڏي هاڪي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ تيار آهي ، جڏهن ته اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ تجربيڪار عالمي رانديگر ۽ اڀرندڙ نوجوانن کي شامل ڪيو ويو آهي. قومي اسڪواڊ ۾ وقار، محمد عبدالله، محمد سفيان خان، معين شڪيل، عبدالوحيد اشرف رانا، عبدالحنان شاهد، زڪريا حيات، ارشد لياقت، عديل لطيف، احمد نديم، غضنفر علي، عماد شڪيل بٽ، محمد حماد الدين انجم ۽ محمد عماد شامل آهن. جڏهن ته گول ڪيپر طور وقار علي رضا کي چونڊيو ويو آهي. ٽيم مينيجمينٽ ۾ محمد اويس قرني ٽيم مينيجر، باب جوان ويلڊ هوف (نيڌرلينڊز) ڪوچ، ڪرسٽو فرجان بوون ( گريٽ برطانيه ) عدنان ذاڪر اسسسٽنٽ ڪوچ جڏهن ته اشرف سلطان وڊيو ٽيڪنيشن جا فرض انجام ڏيندا. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني اعلان ڪيل اسڪواڊ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.











