لاهور- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) مائيڪل سمٿ کي پاڪستان مينز ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي ترجمان مطابق 46 ورهين جي مائيڪل سمٿ کي 2 سالن لاءِ اهي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. هو قومي ٽيم جي ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ٻنهي جي اسڪواڊ سان ڪم ڪندو. مائيڪل سمٿ فرسٽ ڪلاس، لسٽ اي ۽ تي -20 ڪرڪيٽ ۾ …
پي سي بي پاران مائيڪل سمٿ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر
لاهور- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) مائيڪل سمٿ کي پاڪستان مينز ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي ترجمان مطابق 46 ورهين جي مائيڪل سمٿ کي 2 سالن لاءِ اهي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. هو قومي ٽيم جي ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ٻنهي جي اسڪواڊ سان ڪم ڪندو. مائيڪل سمٿ فرسٽ ڪلاس، لسٽ اي ۽ تي -20 ڪرڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 7 هزار 29 رنسون ٺاهي چڪو آهي. پنهنجي ڪيريئر دوران هن 9 سينچريون ۽ 40 ففٽيون پڻ ٺاهيون جڏهن ته هو ليول فور ڪوچنگ ڪواليفڪيشن رکندڙ آهي.مائيڪل سمٿ ان کان اڳ پاڪستان سپر ليگ جي 3 مختلف فرنچائيزز جي ڪوچنگ اسٽاف جو حصو رهي چڪو آهي. ان کان علاوه هو هوبارٽ هريڪنز ۽ ڪرڪيٽ تسمانيه جي بيٽنگ ڪوچ جا فرض پڻ نڀائي چڪو آهي. مائيڪل سمٿ انگلينڊ خلاف ايندڙ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم جو حصو هوندو. پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ تيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 19 آگسٽ کان ٿيندي.












