ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ميٿيو رابرٽسن سائيڪلنگ ۾ سون جو ٻلو حاصل ڪري ورتو

گلاسگو- 03 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ جي سائيڪلسٽ ميٿيو رابرٽسن ڪامن ويلٿ گيمز ۾ مردن جي 3000 ميٽرن جي انفرادي پرسيوٽ (سي 1 –سي 3 ) ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪندي سون جو ٻلو پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جي سائيڪلسٽ ميٿو رابرٽسن صبح جي ڪواليفائنگ سيشن ۾ ئي اهو رڪارڊ ٺاهيو هو. جنهن بعد اسڪاٽ لينڊ جي فن گرام ٽوڙي ڪري فائنل لاءِ …

گلاسگو- 03 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ جي سائيڪلسٽ ميٿيو رابرٽسن ڪامن ويلٿ گيمز ۾ مردن جي 3000 ميٽرن جي انفرادي پرسيوٽ (سي 1 –سي 3 ) ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪندي سون جو ٻلو پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جي سائيڪلسٽ ميٿو رابرٽسن صبح جي ڪواليفائنگ سيشن ۾ ئي اهو رڪارڊ ٺاهيو هو. جنهن بعد اسڪاٽ لينڊ جي فن گرام ٽوڙي ڪري فائنل لاءِ سنسني خيز مقابلو طئي ڪري ڇڏيو. پر فائنل ۾ ميٿو رابرٽسن 3 منٽ 22.597 سيڪنڊن جو نئون رڪار ٺاهي ڪري پنهنجي حريف تي شديد دٻاءُ وڌو ۽ سون جو ٻلو حاصل ڪيو. ٻين مقابلن ۾ آئل آف مين جي ميٿو بوسٽاڪ مردن جي 40 ڪلو ميٽر پوائنٽس ريس ۾ آسٽريليا جي اوليور بليڊن کي شڪست ڏئي 2006ع بعد پنهنجي ڌرتي لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو. مردن جي 100 ميٽر ٽائيم ٽرائل ۾ انگلينڊ جي جوٽرومين چاندي جو ميڊل حاصل ڪيو جڏهن ته آسٽريليا جي لي هوفمين پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. عورتن جي سي – 04 سي 1000 ميٽر ٽائم ٽرائل ۾ انگلينڊ جي 35 سالن جي ڊي نا ڪاڪس ڪيريئر جو پهريون ڪامن ويلٿ جو چاندي جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو. ان مقابلي ۾ آسٽريليا جي تارا نيلينڊ 1 منٽ 09:667 سيڪنڊن جي وقت سان پنهنجو ئي عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڪري گولڊ ميڊل کٽي ورتو. ڪاڪس ان ڪاميابي کي پنهنجي مستقبل جي هدف ۽ لاس اينجلس اولمپڪس جي تيارين لاءِ اهم قرار ڏنو.

مزید خبریں