لاڙڪاڻو - 31 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ڪندي لاڙڪاڻو پوليس جون سماجي برائين خلاف ڪارروايون مسلسل جاري آهن. ان سلسلي ۾ ڏوڪري پوليس ڪارروائي ڪندي ڏوڪري ٿاڻي جي حد پير منگهڻ واري علائقي ۾ جوئا جي اڏي تي ڪامياب ڇاپو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 06 جواري گرفتار ڪيا ويا.گرفتار جوارين جي سڃاڻپ صدام، برڪت، نادر، زوهيب، جبران ۽ قربان جي نالن سان …
ايس ايس پي لاڙڪاڻي جي هدايت تي پوليس پاران سماجي بُرائين خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 31 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ڪندي لاڙڪاڻو پوليس جون سماجي برائين خلاف ڪارروايون مسلسل جاري آهن. ان سلسلي ۾ ڏوڪري پوليس ڪارروائي ڪندي ڏوڪري ٿاڻي جي حد پير منگهڻ واري علائقي ۾ جوئا جي اڏي تي ڪامياب ڇاپو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 06 جواري گرفتار ڪيا ويا.گرفتار جوارين جي سڃاڻپ صدام، برڪت، نادر، زوهيب، جبران ۽ قربان جي نالن سان ٿي آهي. پوليس گرفتار جوارين کان 40,000 رپيا روڪ، تاش جا پتا ۽ 3 عدد موبائل فون ھٿ ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب ملزمن جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٻيون قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروايون پڻ جاري آهن.











