وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران بلوچستان ۾ 6 پورهيتن جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت، واقعو درندگي جو بدترين عمل قرار

ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان ۾ 6 پورهيتن جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي کي درندگي جو بدترين عمل قرار ڏنو آهي. وڏي وزير چيو ته بيگناهه ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انتهائي سنگين ۽ ناقابلِ معافي ڏوهه آهي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون انسانيت خلاف آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿيون ڪري سگهجن.سيد مراد علي شاهه واقعي ۾ جان وڃائيندڙ …

ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان ۾ 6 پورهيتن جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي کي درندگي جو بدترين عمل قرار ڏنو آهي. وڏي وزير چيو ته بيگناهه ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انتهائي سنگين ۽ ناقابلِ معافي ڏوهه آهي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون انسانيت خلاف آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿيون ڪري سگهجن.سيد مراد علي شاهه واقعي ۾ جان وڃائيندڙ مزدورن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوتين کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن وارثن کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا فرمائي.

مزید خبریں