سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران 5 ارب 12 ڪروڙ 84 لک رپين کان وڌيڪ جي مبينا گهوٻين ۽ مالي بي ضابطگين ۾ ملوث 8 آفيسر ۽ اهلڪار نوڪرين تان برطرف

ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ ۾ مبينا گهوٻين ۽ مالي بي ضابطگين ۾ ملوث 8 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خوراڪ بابت صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان برطرف ٿيل آفيسرن کان 5 ارب 12 ڪروڙ 84 لک رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صوبائي وزير جي ترجمان موجب خيرپور جي فوڊ انسپيڪٽر ظهير عباس شر کي برطرف ڪري کانئس …

ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ ۾ مبينا گهوٻين ۽ مالي بي ضابطگين ۾ ملوث 8 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خوراڪ بابت صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان برطرف ٿيل آفيسرن کان 5 ارب 12 ڪروڙ 84 لک رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صوبائي وزير جي ترجمان موجب خيرپور جي فوڊ انسپيڪٽر ظهير عباس شر کي برطرف ڪري کانئس 2 ارب 8 ڪروڙ 82 لک رپين کان وڌيڪ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته سانگهڙ جي فوڊ انسپيڪٽر محمد عباس ميمڻ کي برطرف ڪري هڪ ارب 5 ڪروڙ 56 لک رپين کان وڌيڪ واجب الادا قرار ڏنو ويو آهي. شڪارپور جي فوڊ سپروائيزر محمد مٺل مگسي کي برطرف ڪري 84 ڪروڙ 91 لک رپين کان وڌيڪ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته دادو جي فوڊ سپروائيزر محمد حسن دل کان 70 ڪروڙ 4 لک رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي ويندي. ان کان علاوه فوڊ انسپيڪٽر عمران علي مگسي، فوڊ سپروائيزر قربان علي مگسي، اڳوڻي ڊي ايف سي محمد منور آرائين ۽ غلام مصطفيٰ ميراڻي کي پڻ نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي. مخدوم محبوب الزمان چيو ته برطرف آفيسرن خلاف ڪيس اينٽي ڪرپشن سنڌ ڏانهن اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته رقم جي وصولي سان گڏ سول ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ خوراڪ کاتي ۾ ڪا به جاءِ ناهي، سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائيندڙن کان هڪ هڪ پائي وصول ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ مرڪزن جي فزيڪل ويريفڪيشن ۽ رڪارڊ جي جاچ واري عمل کي وڌيڪ سخت بڻايو پيو وڃي.

مزید خبریں