رياض- 29 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ٽيليفون تي رابطي دوران علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ اسپين وچ ۾ تعاون جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بنائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. پيڊرو سانچيز سعودي ڪمرشل جهازن تي حوثين …
سعودي عرب جي ولي عهد ۽ اسپين جي وزيراعظم جو رابطو، ملڪي لاڳاپن ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض- 29 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ٽيليفون تي رابطي دوران علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ اسپين وچ ۾ تعاون جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بنائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. پيڊرو سانچيز سعودي ڪمرشل جهازن تي حوثين جي تازن حملن جي مذمت ڪئي ، ڳاڙهي سمنڊ ۾ فريڊم آف نيويگيشن کي لاڳو خطرن کي رد ڪيو. اسپين جي وزيراعظم مملڪت جي سلامتي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ۽ سعودي عرب سان يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.










