وزيراعظم سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح جي مُلاقات، ڪويت ۽ ٻين ڀائر نار ملڪن تي ٿيندڙ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد - 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت ۽ ٻين ڀائر نار ملڪن تي ٿيندڙ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ديانتدار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ڳالهائيندي …

اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت ۽ ٻين ڀائر نار ملڪن تي ٿيندڙ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ديانتدار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اربع ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع، واپار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، مواصلات، سامونڊي معاملن ۽ پيٽروليم وارا وفاقي وزير، وزيراعظم جو صلاحڪار ۽ حڪومت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڪويتي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي ۽ ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمدالمبارڪ الصباح جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ گڏيل اعتماد تي قائم پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن هر مشڪل ۽ هر خوشي جي موقعي تي سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم ڪويت جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ جاري تڪرار دوران ڪويت ۽ ٻين ڀائر نار ملڪن تي ٿيندڙ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ديانتدار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن انهن ڪوششن جي حمايت تي ڪويتي قيادت جا ٿورا ادا ڪيا. ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سامونڊي معاملن ۽ افرادي قوت جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ ڪويت سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستاني برادري جي فراخدلاڻي ميزباني تي ڪويتي حڪومت کي ساراهيندي ڪويت جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي قيمتي ڪردار کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح وزيراعظم کي ڪويتي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڪويت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن موجوده بحران جي حل ۽ خطي ۾ امن جي بحالي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ ۾ پاڪستان خاص طور تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير  جي خدمتن کي ساراهيو. هن انهن مشڪل حالتن ۾ ڪويت سان يڪجهتي ۽ اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جا پڻ ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ٻطرفي لاڳاپن جي ڏس ۾ مسلسل مشاورت ۽ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ اتفاق ڪيو ته انهن معاملن تي اڳڀرائي جي لاءِ ويجهي مستقبل ۾ اعلى سطحي وفدن جي مٽاسٽا ڪئي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ڪويت جي ولي عهد کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں