اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي جي شعبي کي درپيش پاليسي ۽ ريگيوليٽري مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل وزارتن، ريگيوليٽرز ۽ ادارن جي وچ ۾ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي ناڻي واري وزارت ۾ وزيراعظم پاران جوڙيل بجلي جي شعبي جي ريگيوليٽري نظام ۾ بهتري ۽ سڌارن بابت اسٽيئرنگ …
بجلي جي شعبي کي درپيش پاليسي ۽ ريگيوليٽري مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل وزارتن، ريگيوليٽرز ۽ ادارن جي وچ ۾ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي جي شعبي کي درپيش پاليسي ۽ ريگيوليٽري مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل وزارتن، ريگيوليٽرز ۽ ادارن جي وچ ۾ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي ناڻي واري وزارت ۾ وزيراعظم پاران جوڙيل بجلي جي شعبي جي ريگيوليٽري نظام ۾ بهتري ۽ سڌارن بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مقصد بجلي جي شعبي جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ، ڪارڪردگي، سيڙپڪاري ۽ چٽاڀيٽي جي فروغ جي لاءِ سڌارن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ آهي. ڪميٽي موجوده ريگيوليٽري نظام جو جائزو ورتو ۽ بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ آپريشنل ماحول کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو. ڪميٽي نجي شعبي جي شرڪت ۾ سهولتن جي فراهمي، ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ چٽاڀيٽي کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ واضح ۽ مستقل ريگيوليٽري فريم ورڪ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ريگيوليٽري ۽ پاليسي فريم ورڪ کي عالمي سطح تي لاڳو بهترين طريقيڪار سان هم آهنگ ڪرڻ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پاڪستان جي اداراجاتي ۽ مارڪيٽ جي حالتن کي نظر ۾ رکڻ تي زور ڏنو ويو. ڪميٽي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڌارن جي ذريعي سيڙپڪاري ۽ شعبي جي ڪارڪردگي کي فروغ ڏنو وڃي، شفافيت، مناسب حفاظتي قدمن ۽ ضابطن کي عملي ڪرڻ کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. ڪميٽي بجلي جي شعبي کي درپيش پاليسي ۽ ريگيوليٽري مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل وزارتن، ريگيوليٽرز ۽ ادارن جي وچ ۾ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير ٺوس ۽ عملي نتيجن تي ٻڌل، مقرر مدي جي اندر سڌارن جي عمل کي مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان شعبي جي ڪارڪردگي ۽ سيڙپڪاري جي نتيجن ۾ نمايان بهتري ايندي. ناڻي واري وفاقي وزير بجلي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، چٽاڀيٽي جي فروغ ۽ شعبي جي ترقي ۾ نجي شعبي جي شرڪت ۽ سيڙپڪاري جي صلاحيت تي روشني وڌي. هن واضح ٽائيم لائينز ۽ ذميوارين جي تعين سان هڪ جامع ۽ مرحليوار روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.










