اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ 75 ارب رپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ 75 ارب رپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي شگر بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سفارشن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس سومر ڏينهن هتي ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ 75 ارب رپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي شگر بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سفارشن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس سومر ڏينهن هتي ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن پاران وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم بابت پيش ڪيل سمري تي غور ڪيو ويو. اسڪيم جو مقصد پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري گهٽ آمدني وارن طبقن کي هدف تي ٻڌل ريليف فراهم ڪرڻ آهي، اسڪيم تحت ٻن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين کي هفتيوار 500 رپين جو ريليف ڏنو ويندو جيڪو 100 رپيا في ليٽر جي حساب سان 5 ليٽر برابر هوندو جڏهن ته 800 سي سي تائين جي گاڏين کي 10 ڏينهن جي لاءِ 1000 رپين جو ريليف ڏنو ويندو جنهن جو بنياد 100 رپيا في ليٽر جي حساب سان ماهوار 30 ليٽر تي هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسڪيم رڳو غيرواپاري صارفين تائين محدود هوندي ۽ هر صارف/ مالڪ کي رڳو هڪ گاڏي جي لاءِ ريليف ڏنو ويندو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت ريليف جي ڊيجيٽل انتظام ڪاري ۽ شفاف فراهمي جي لاءِ فيول پاس سسٽم لاڳو ڪندي ۽ ان جو انتظام سنڀاليندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هدفي ۽ ڊيجيٽل طريقيڪار جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته ريليف مستحق صارفين تائين موثر انداز ۾ پهچي ۽ ان سان گڏوگڏ عملدرآمد ۾ شفافيت ۽ جوابدهي به مضبوط ٿئي. اي سي سي اسڪيم تي عملدرامد جي لاءِ 75 ارب رپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز ڊويزن پاران پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي ملڪيت ۽ انتظامي ڪنٽرول جي نئين سر تنظيم سازي بابت پيش ڪيل سمري تي غور ڪيو ويو ۽ نجڪاري واري وزير جي سربراهي ۾ قائم عملدرآمد جي ڪميٽي جي سفارشن موجب عملدرآمدي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري صلاحڪار هارون اختر خان ۽ وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں