فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انڊونيشين بحريه جي سربراهه ايڊمرل ڊاڪٽر محمد علي جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ

راولپنڊي - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير انڊونيشيا سان پاڪستان جي پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ خاص طور تي دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري …

راولپنڊي – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير انڊونيشيا سان پاڪستان جي پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ خاص طور تي دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انڊونيشين بحريه جي سربراهه ايڊمرل ڊاڪٽر محمد علي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان موجوده عسڪري رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو خاص طور تي پيشيواراڻي تربيت، دفاعي تعاون ۽ گڏيل مشقن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز انڊونيشيا سان پاڪستان جي پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو خاص طور تي دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ايڊمرل ڊاڪٽر محمد علي پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪ فوج جي خدمتن ۽ ڪردار جو اعتراف ڪيو.

مزید خبریں