اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي موجوده قانون جو جامع ۽ نئين سر جائزو ورتو ويندو: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، قومي صحت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي (آءِ ايڇ آر اي) جي موجوده قانون جو جامع ۽ نئين سر جائزو ورتو وڃي ته جيئن ان ۾ موجود خامين ۽ عملي رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري سگهجي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موجوده قانوني فريم ورڪ کي جديد گهُرجن ۽ …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، قومي صحت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي (آءِ ايڇ آر اي) جي موجوده قانون جو جامع ۽ نئين سر جائزو ورتو وڃي ته جيئن ان ۾ موجود خامين ۽ عملي رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري سگهجي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موجوده قانوني فريم ورڪ کي جديد گهُرجن ۽ اثرائتي ريگيوليٽري نظام سان هم آهنگ ڪندي هڪ نئون ۽ جامع قانوني مسودو (آرڊيننس/قانون) تيار ڪيو وڃي ته جيئن اسلام آباد ۾ صحت جي شعبي جي نگراني، نجي ۽ سرڪاري طبي ادارن جي ريگيوليشن ۽ عوام کي طب جي معياري سهولتن جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط، شفاف ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي. هن چيو ته قانونسازي جو مقصد صحت جي شعبي ۾ گورننس کي بهتر بنائڻ، ريگيوليٽري خال کي ختم ڪرڻ ۽ مريضن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ آهي.

مزید خبریں