دهشتگرديءَ خلاف هر ڪامياب ڪارروائي قوم جي اعتماد جي عڪاسي آهي: محمد حنيف عباسي

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 32 دهشتگردن جي خاتمي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ وقت سر ڪارروائي انتهائي تعريف جوڳي آهي، وطن جي محافظن هڪ ڀيرو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي دشمنن جو انجام …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 32 دهشتگردن جي خاتمي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ وقت سر ڪارروائي انتهائي تعريف جوڳي آهي، وطن جي محافظن هڪ ڀيرو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي دشمنن جو انجام صرف ۽ صرف شڪست آهي. محمد حنيف عباسي جو چوڻ هو ته دهشتگرديءَ خلاف هر ڪامياب ڪارروائي قوم جي اعتماد ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بلند حوصلي جي عڪاسي آهي، پاڪستان جي امن تي حملو ڪندڙ ڌُرين کي هر محاذ تي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي ۽ پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي. هن چيو ته اسان جا جوان ڏينهن رات وطن جي امن لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ پوري قوم سندن بهادريءَ کي سلام پيش ڪري ٿي. دهشتگردن خلاف اهي فيصلائتيون ڪارروائيون ان عزم جو اظهار آهن ته پاڪستان ۾ امن جي دشمنن لاءِ ڪا جڳهه ناهي، الله جي فضل، سيڪيورٽي فورسز جي جرائت ۽ قوم جي اتحاد سان ملڪ مان دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائينداسين.

مزید خبریں