اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 32 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت سان دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو، دهشتگرديءَ خلاف ڪامياب ڪارروائيون فورسز جي بهادري ۽ قوم جي پُختي عزم جو ثبوت آهن. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن …
سردار اياز صادق پاران ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 32 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 32 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت سان دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو، دهشتگرديءَ خلاف ڪامياب ڪارروائيون فورسز جي بهادري ۽ قوم جي پُختي عزم جو ثبوت آهن. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگرديءَ خلاف جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد پوري قوم جو فخر آهن، سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ملڪ جي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي ضمانت آهن. هن چيو ته بهادر جوان هر محاذ تي دشمن ۽ دهشتگرد ڌُرين جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملايو آهي، قوم کي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ قربانين تي فخر آهي.










