سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پاران نار وارن هم منصبن سان علائقائي ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض- 29 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرهان قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان ۽ بحرين جي هم منصب ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان الڳ الڳ ٽيلي فون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطن دوران علائقائي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ڪوششن تي ڳالهه …

رياض- 29 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرهان قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان ۽ بحرين جي هم منصب ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان الڳ الڳ ٽيلي فون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطن دوران علائقائي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي . نار وارن وزيرن آبنائي هرمز ۽ آبنائي باب المندب ذريعي فريڊم آف نيويگيشن جي تحفظ، جاري علائقائي بحران جي سيڪورٽي ۽ اقتصادي اثر گهٽ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. عراق ۽ يمن ۾ ايران جي حمايت يافته مليشيا جي حملن جي مذمت ڪئي. ۽ خطي جي ملڪن جي سلامتي ۽ استحڪام کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. علائقائي امن کي نقصان پهچائيندڙ قدمن کي رد ڪيو ويو ۽ علائقائي سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي حمايت لاءِ نار وارن ملڪن وچ ۾ هم آهنگي ۽ مسلسل مشاورت جي اهميت تي زور ڀريو.

مزید خبریں