يونيسڪو پاران عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ 25 نوان هنڌ شامل

پيرس- 29 جولاءِ (اي پي پي) يونيسڪو اعلان ڪيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ جاري عالمي ورثه ڪميٽي جي 48 هين اجلاس دوران 25 نون هنڌن کي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق يونيسڪو ٻڌايو ته نئون شامل ڪيل 25 هنڌن مان 19 ثقافتي، 5 قدرتي ۽ هڪ گڏيل (ثقافتي ۽ قدرتي ) هنڌ شامل آهن. ان اضافي بعد …

پيرس- 29 جولاءِ (اي پي پي) يونيسڪو اعلان ڪيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ جاري عالمي ورثه ڪميٽي جي 48 هين اجلاس دوران 25 نون هنڌن کي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق يونيسڪو ٻڌايو ته نئون شامل ڪيل 25 هنڌن مان 19 ثقافتي، 5 قدرتي ۽ هڪ گڏيل (ثقافتي ۽ قدرتي ) هنڌ شامل آهن. ان اضافي بعد ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل هنڌن جو مجموعي انگ وڌي 1،273 ٿي ويو آهي . ان اجلاس دوران ٽن هنڌن کي هنگامي طريقڪار تحت لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو ، جنهن ۾ ڏکڻ سوڊان جو بوما – بادينگيلو هجرتي منظرنامه، لبنان جو مائونٽ عامل قلعو ۽ فلسطين جو تاريخي ماڳ سيبيسٽيا شامل آهن . انهن ٽنهي هنڌن کي هلندڙ سال خطري هيٺ آيل عالمي ورثي جي لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي . يونيسڪو جو چوڻ آهي ته هڪ ئي اجلاس ۾ ٽن هنڌن کي هنگامي بنيادن تي عالمي ورثو قرار ڏيڻ ان ڳالهه جي ترجماني ڪري ٿو ته تڪرار ۽ عدم استحڪام سبب متاثر علائقن ۾ تاريخي ورثو وڌندڙ خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي ، جڏهن ته عالمي برادري انهن جي تحفظ لاءِ وقت تي قدم کڻڻ چاهي ٿي.

مزید خبریں