وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ريلوي سڌارن، جدت ۽ بهتر سروس ڊليوري جي علامت بڻجي اڀري آهي: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي سڌارن جي علامت بڻجي رهي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جديديت ۽ عوامي خدمت جو نئون باب رقم ٿي رهيو آهي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي بصيرت ۽ قيادت ۾ ريلوي سڌارن، جدت ۽ بهتر سروس ڊليوري جي علامت بڻجي …

اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي سڌارن جي علامت بڻجي رهي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جديديت ۽ عوامي خدمت جو نئون باب رقم ٿي رهيو آهي. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي بصيرت ۽ قيادت ۾ ريلوي سڌارن، جدت ۽ بهتر سروس ڊليوري جي علامت بڻجي اڀري رهي آهي، ڪارڪردگي، شفافيت ۽ عاومي ڀلائي تي وزيراعظم جي پختي عزم ريلوي کي جديد رخن تي آڻڻ جي راهه هموار ڪئي آهي ته جيئن هر پاڪستاني کي ان جو فائدو پهچي. هن پنجاب جي وزيراعليٰ جي ڀرپور حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو ته سندس ”صاف پنجاب“ مهم تحت سڄي صوبي ۾ ريلوي اسٽيشنن تي صفائي ۽ مسافرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي جا نوان معيار قائم ڪيا پيا وڃن، وزيراعليٰ جي سهڪار سان پنجاب جي 8 مصروف ريلوي ڪوريڊورز کي جديد ملٽيپل يونٽس ذريعي بحال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان گڏجي ريلوي کي جديد بڻائڻ، قومي رابطن کي مضبوط ڪرڻ، معاشي ترقي ۾ معاونت ۽ هر پاڪستاني کي محفوظ، اثرائتو، سستو ۽ باوقار ريل سفر جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون.